پريم پرڪاش مندر ڪشمور

پريم پرڪاش مندر ڪشمور: هندن جي هيءَ عبادتگاهه تعلقي ڪشمور، ضلعي ڪشمور- ڪنڌڪوٽ جي وڏي ڪنڊ پاڙي ۾ واقع آهي. هيءُ مندر ٽن اهم درويشن: سائين ٽيئون رام، سروآنند ۽ سنتي پرڪاش جي ياد ۾ تعمير ڪيو ويو. انهن ٽنهي درويشن جون مورتيون مندر ۾ رکيون ويون آهن. هن مندر جو سرپرست دادا ڪنهيا لال آهي، جڏهن ته ڪاڪا نالي شخص مندر جو شيواڌاري آهي. هيءُ مندر گهرو عمارت جهڙي طرز تي تعمير ٿيل آهي. مندر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٽي ڏاڪا ۽ هڪ لوهي در آهي. ڏاڪن تي اڇي ۽ ڪاري رنگ جا ماربل لڳل آهن، جڏهن ته در جي ٻاهرين ڀت تي پيلسرا اڇا ٽائيلز لڳل آهن ۽ ڪجهه فاصلي تي ٻنهي ڪنڊن وٽ سيمنٽ سان ٻه ٿنڀا (Pillars) آهن. ٻاهرين ڇڄي تي معمولي پٽين سان ٻيڙٻنو آهي. عمارت جون باقي ديوارون سواءِ مٿين ماڙ جي ساديون آهن. اندر هڪ وڏو هال آهي، جنهن جي اڳين ديوار وٽ ٽنهي بزرگن جون مورتيون ۽ تصويرون رکيل آهن. ٻين ديوارن تي به هندو ديوين ۽ ديوتائن جون تصويرون لڳل آهن. زيارتين جي ويهڻ لاءِ هال ۾ مٿيون وڌواڙو به تعمير ٿيل آهي. اندرين ڇت تي فالس سيلنگ سان جنسار ڪيل آهي. مندر جي مکيه در جي مٿان ‘پريم پرڪاش مندر، ڪشمور سنڌ’ نالو درج آهي، جنهن جي مٿان وري لوهي شيخون نصب آهن. ڪشمور ۾ رهندڙ هندن وٽ هن مندر کي خاص اهميت حاصل آهي ۽ هر روز صبح شام چڱي تعداد ۾ مقامي هندو ياتري بزرگن جي سماڌين جو درشن ڪرڻ ايندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو